رياض-24آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمدبن سلمان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار جو جائزو ورتو ويو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير غزه ۽ لبنان سميت خطي جي درپيش معاملن ۽ عسڪري ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه …
سعودي عرب جي ولي عهد سان آمريڪي پرڏيهي وزير جي ملاقات، غزه ۾ جنگ بندي بابت ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
رياض-24آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمدبن سلمان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار جو جائزو ورتو ويو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير غزه ۽ لبنان سميت خطي جي درپيش معاملن ۽ عسڪري ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير ۽ قومي سلامتي جو مشير ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيان ۽ ڳجهي ايجنسي جو سربراهه به موجود هيو.











