اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي انگن اکرن ۾ تازي بهتري، ناڻي واڌ جي شرح سنگل ڊيجٽ، پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي عوام کي ريليف پهچائڻ جي حڪومتي ڪوششن جو حصو آهي، تجويز ڪيل آئيني ترميم جو مقصد عوام کي انصاف جي فوري ۽ موثر فراهمي آهي. وزيراعظم محمد شهباز …
معاشي انگن اکرن ۾ تازي بهتري، ناڻي واڌ جي شرح سنگل ڊيجٽ، پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي عوام کي ريليف پهچائڻ جي حڪومتي ڪوششن جو حصو آهي، تجويز ڪيل آئيني ترميم جو مقصد عوام کي انصاف جي فوري ۽ موثر فراهمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي انگن اکرن ۾ تازي بهتري، ناڻي واڌ جي شرح سنگل ڊيجٽ، پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي عوام کي ريليف پهچائڻ جي حڪومتي ڪوششن جو حصو آهي، تجويز ڪيل آئيني ترميم جو مقصد عوام کي انصاف جي فوري ۽ موثر فراهمي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميم ۽ ان حوالي سان مشاورت کي وسيع ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ٻيا سينيئر اڳواڻ به مشاورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، ايندڙ ڏينهن ۾ سياسي پارٽين سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت سان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته معاشي انگن اکرن ۾ تازي بهتري انتهائي خوش آئنده آهي. گذريل مهيني گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ پهريون ڀيرو ناڻي واڌ جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي جنهن سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، اڄ ئي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي جيڪا عوام کي ريليف پهچائڻ جي حڪومتي ڪوششن جي حوالي سان هڪ ٻي ڪوشش آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريون ٿا جنهن جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بهتري جا آثار پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته آئين ۾ ترميم ۽ قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، 24 ڪروڙ عوام پارليامينٽ کي قانونسازي جو مينڊيٽ ڏنو آهي. تجويز ڪيل آئيني ترميم جو مقصد عوام کي انصاف جي فوري ۽ موثر فراهمي آهي، آئيني ترميم تي سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت جو سلسلو جاري رهندو. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.












