گڏيل قومون-05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هن صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قانوني ۽ پاليسي قدم کنيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي قدم پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي حاصلات لاءِ انتهائي اهميت وارا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبليءَ جي سماجي انساني ۽ ثقافتي معاملن بابت ٿرڊ ڪميٽيءَ ۾ چيو آهي ته ڇوڪرين ۽ عورتن کي حقن جي فراهميءَ کان سواءِ اسان پائيدار ترقياتي هدف نه ڪري سگهنداسين پر ان سان گڏ هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا ۽ گذريل سال آيل ٻوڏ سبب مالياتي ٻارڻ ۽ خوراڪ جي بحران ايس ڊي جيز ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۾ اڳڀرائيءَ جي حاصلات ۾ درپيش چئلينجز کي وڌيڪ وڌايو آهي. هن عورتن جي ترقي جي موضوع تي هڪ مباحثي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي خاص طور چئلينجز سامهون آهن. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۾ 50 کان 80 سيڪڙو عورتون زرعي جنسن جي پيداوار ۾ حصو وٺنديون آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ 70 سيڪڙو چوپائي مال جي سارسنڀال به عورتن جي ذمي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته بين الاقوامي برادري صنفي مساوات ۽ عورتن جي تعليم ڪم، سياسي نمائندگي سان گڏوگڏ گهراڻن برادرين ۽ قومي زندگيءَ ۾ شرڪت جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ واضح اصول طئي ڪيا آهن. منير اڪرم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان کان علاوه تقريبن سمورن ملڪن ۾ اهي اصول سرڪاري سطح تي قائم آهن ۽ سماجي ۽ ذاتي سطح تي به وڏي پيماني تي اهي اصول قبول ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ان باوجود ڪيترن ئي ملڪن ۾ خاص طور ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي صورتحال بدستور پُٺتي پيل آهي. پاڪستاني نمائندي سوال ڪيو ته گڏيل قومن جو نظام انفرادي طور اُسرندڙ ملڪن جي سفارشن کي حقيقي ترقي ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ معياري زندگيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهي ٿو ۽ وڏو چئلينج مناسب مالي امداد جي کوٽ آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ان سلسلي ۾ سروي ۽ مطالعو عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ تبديليءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.