نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشمير کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ترقي جو دارومدار امن تي آهي، گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ فار انڊيا اينڊ پاڪستان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، عالمي طاقتون نئين دهلي کي پاڪستان پاران اسٽريٽجڪ ۽ روايتي هٿيارن تي گڏيل تحمل جي آڇ کي قبول ڪرڻ لاءِ قائل ڪن، ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان پرامن ۽ تعميري لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کان پاسو ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، پاڪستان عالمي دنيا ۾ ”اشرافيه“ جي نظام تي يقين نٿو رکي، عالمي امن ۽ خوشحالي جي مفاد ۾ گڏيل قومون چارٽر جي برابري ۽ خودمختياري جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي. پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته سلامتي ڪائونسل ۾ اضافي مستقل ميمبر شامل ڪرڻ سان ان جي ساک ۽ قانوني حيثيت کي وڌيڪ نقصان پهچندو، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان جي پهرين ترجيح افغانستان مان ۽ اندرون ملڪ سموري دهشتگردي کي روڪڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ آهي، اسان کي بنا فرق جي سمورن دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، اسان کي رياستي دهشتگردي جي مخالفت ڪرڻ جي به ضرورت آهي، اسلامو فوبيا نائين اليون کانپوءِ وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي اهي، گڏيل احترام، مذهبي علامتن، صحيفن ۽ مقدس هستين جي تقدس کي يقيني بڻايو وڃي، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن ۾ اضافي سان ان جي ساک ۽ قانوني حيثيت ختم ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم ڪشمير مسئلي، موسمياتي تبديلي، اسلامو فوبيا، فلسطين، افغانستان، پاڪستان جي معاشي استحڪام، گڏيل قومون سڌارن سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن جو ٺوس انداز ۾ احاطو ڪيو. نگران وزيراعظم علائقائي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ترقي جو دارومدار امن تي آهي، پاڪستان معاشي طور تي دنيا جي سڀ کان گهٽ مربوط خطن ۾ واقع آهي، پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته خطا گڏجي ترقي ڪندا آهن، ان لاءِ پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان پرامن ۽ تعميري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ڪشمير تڪرار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن جي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تي عملدرآمد کان پاسو ڪيو آهي جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي حتمي حل جو فيصلو ان جي عوام گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري جي ذريعي ڪرڻ جو گهرجائو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ 9 لک فوجي مقرر ڪيا آهن، ان مقصد جي لاءِ ڀارت توسيع ٿيل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هڻي رکيو آهي، ڪشمير جي سمورن حقيقي ليڊرن کي جيلن ۾ وجهي ڇڏيو، پرامن احتجاج کي پرتشدد طريقي سان دٻائن، جعلي ”مقابلن“ ۽ ”نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين“ ۾ معصوم ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهون قتل جو سهارو ورتو ويو ۽ اجتماعي سزائون ڏنيون ويون، پوري جي پوري ڳوٺن کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته والاريل ڪشمير تائين پهچ، جنهن جو مطالبو گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪميشن ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ خصوصي نمائندن ڪيو هو، کي نئين دهلي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته گڏيل قومن کي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ فار انڊيا اينڊ پاڪستان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. عالمي طاقتون نئين دهلي کي ان ڳالهه تي قائل ڪن ته هو پاڪستان پاران اسٽريٽجڪ ۽ روايتي هٿيارن تي گڏيل تحمل جي آڇ کي قبول ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته جنرل اسيمبلي جو اجلاس جديد تاريخ جي هڪ ڏکئي ۽ اهم لمحن ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن يوڪرين ۽ سڄي دنيا ۾ 50 مختلف جاين تي تڪرار اڀري سامهون آيا آهن، عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ مسلسل وڌي رهي آهي، اسان نوان ۽ پراڻا فوجي ۽ سياسي بلاڪس ڏسون ٿا، جاگرافيائي سياست ٻيهر ڪَر کڻي رهي آهي جڏهن ته دنيا ۾ جيو اڪنامڪس کي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، بني نوع انسان کي تمام وڏا چئلينجز درپيش آهن جيڪي عالمي تعاون ۽ گڏيل قدمن جا گهرجائو آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دنيا جي معاشي امڪانن تي پڻ ڪارا ڪڪر ڇانيل نظر اچن ٿا، عالمي ترقي سستي جو شڪار آهي، وياج جي بلند ترين شرح ٻاڙائي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، هڪ ٻئي پٺيان ڪوويڊ، مختلف تڪرارن ۽ موسمياتي تبديلي ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن جي معيشتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترائي ملڪ مشڪل سان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، غربت ۽ بک ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن ٽن ڏهاڪن جي ترقياتي ثمرن کي متاثر ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ ايس ڊي جيز سمٽ ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏورس واعدا ڪيا ويا، انهن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، 59 ملڪ جيڪي قرضن ۾ جڪڙيل آهن انهن جي مسئلن جي حل جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ماحولياتي تبديلي جي لاءِ 100 ارب ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي فعال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جي هدف جي لاءِ ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن جي حوالي سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد جا منتظر آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس چئلينجز ڪوويڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان جي ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پاڪستان جي معيشت کي 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ فور آر ايف پلان تحت 10.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي واعدن کي ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي عملدرآمد ۽ فنڊزوقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بحالي جي منصوبي لاءِ 13 ارب ڊالر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا. نگران وزيراعظم پاڪستان جي معاشي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت تيزي سان معاشي بحالي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ پنهنجي ڪرنسي کي مستحڪم ڪنداسين. ملڪي آمدني کي وڌائينداسين ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻينداسين، ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي جنهن تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت 28 شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان منصوبا شروع ڪيا ويندا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي واري جاگرافيائي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ريلوي، بنيادي ڍانچي ۽ مينوفيڪچرنگ جي منصوبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا سان ڪنيڪٽيويٽي منصوبو جلد شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جي حوالي سان عالمي برادري جي خدشن ۾ شريڪ آهي، ان جي باوجود اسان متاثر افغان آبادي جي لاءِ انساني امداد جاري رکڻ جي حمايت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڇوڪريون ۽ عورتون گهڻيُون متاثر آهن جڏهن ته پاڪستان افغان معيشت جي بحالي ۽ وچ ايشيا سان رابطي ڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح افغانستان مان ۽ افغانستان جي اندر هر قسم جي دهشتگردي کي روڪڻ ۽ ان جو خاتمو ڪرڻ آهي، پاڪستان ٽي ٽي پي، داعش ۽ افغانستان مان فعال ٻين گروپن پاران پاڪستان جي خلاف سرحد پار دهشتگرد حملن جي مذمت ڪري ٿو، اسان انهن حملن کي روڪڻ جي لاءِ ڪابل کان حمايت ۽ تعاون جا خواهشمند آهيون ۽ ان ٻاهرئين حوصلا افزائي سان ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ضروري قدم پڻ کڻي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان شام ۽ يمن ۾ تڪرارن جي خاتمي جي طرف اڳڀرائي جي آجيان ڪري ٿو خاص طور تي اسان سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته بدقسمتي سان فلسطين جو الميو جاري آهي جنهن ۾ اسرائيلي فوجي ڇاپن، فضائي حملن، بستين جي توسيع ۽ فلسطينين جي بي دخلي جو سلسلو جاري آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ٻه رياستي حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ سان ئي پائيدار امن قائم ٿي سگهي ٿو جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي. نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي امن فوج جو ڪردار ڪامياب رهيو آهي، 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان سڄي دنيا ۾ 47 مشنز ۾ 2 لک 30 هزار امن فوجي فراهم ڪيا آهن، اڄ گڏيل قومن جي امن دستن کي خاص طور تي ڏوهاري ۽ دهشتگرد گروهن جا ڏکيا ۽ ڳنڀير چئلينجز درپيش آهن، اسان کي امن دستن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو ته جيئن ضرورت پوڻ تي گڏيل قومن ۽ عالمي فوج جي قدمن کي لاڳو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي کاٻي پاسي جي انتهاپسندن ۽ فاشسٽ گروپن کان وڌندڙ خطري سميت بنا فرق جي سمورن دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيئن ته هندوتوا کان متاثر انتهاپسند هندستان جي مسلمانن ۽ عيسائين جي نسل ڪشي جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي رياستي دهشتگردي جي مخالفت، غربت، ناانصافي ۽ غيرملڪي قبضي جهڙي دهشتگردي جي بنيادي سببن جو خاتمو ڪرڻو پوندو ۽ حقيقي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي کان جدا ڪرڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي حڪمت عملي جي سمورن چئن ٿنڀن تي متوازن عملدرآمد جي لاءِ جنرل اسيمبلي جي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته تهذيبن جي وچ ۾ تعاون، افهام تفهيم، مٽاسٽا ۽ نظرين جي ترغيب تي ٻڌل اسان جي ترقي اڄ خطري ۾ پيل آهي، تهذيبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جي حمايت ڪندڙ بيانيي انساني ترقي کي ڪافي نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا سميت اهڙي طرح جي خيالن انتهاپسندي، نفرت ۽ مذهبي عدم برداشت کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو هڪ لڪل خطرو آهي جيڪو هزارين سالن جي ترقي کي نقصان پهچائي ٿو، اسان کي پنهنجي زندگي جي مختلف طريقن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، گڏيل احترام، مذهبي علامتن، صحيفن ۽ مقدس هستين جي تقدس کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسلامو فوبيا هڪ پراڻو رجحان آهي جڏهن ته نائين اليون جي دهشتگرد حملن کانپوءِ ان وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسلام جي مقدس جاين ۽ علامتن تي حملا ڪيا پيا وڃن ۽ قرآن پاڪ کي سرعام ساڙڻ جا واقعا پيش آيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل سال جنرل اسيمبلي او آءِ سي پاران پاڪستان پاران تجويز ڪيل هڪ قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو. هلندڙ سال جي شروع ۾ انساني حقن واري ڪائونسل پاڪستان پاران پيش ڪيل او آءِ سي جي هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي جنهن ۾ رياستن تي زور ڏنو ويو هو ته اهي قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ اهڙي طرح جي اشتعال انگيزين کي غيرقانوني قرار ڏين، اسان ڊينمارڪ پاران شروع ڪيل قانونسازي ۽ سوئيڊن پاران معاملي تي غور جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ او آءِ سي ملڪ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم تجويز ڪندا جنهن ۾ خصوصي ايلچي جي مقرري، اسلامو فوبيا ڊيٽا سينٽر جي جوڙجڪ، متاثرين کي قانوني مدد ۽ اسلامو فوبيا جي ڏوهن جي سزا جي لاءِ احتسابي عمل شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي جيڪي ڳنڀير عالمي ۽ علائقائي چئلينجز درپيش آهن انهن کي گڏيل قومن جي فريم ورڪ جي اندر موثر گهڻ رخي قدمن جي ذريعي بهترين طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو جڏهن ته عالمي طاقتن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ مخالفت، ڇڪتاڻ ۽ هڪ طرفي پاليسين جي ڪري گهڻ رخي قدمن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي ادارن کي مضبوط بنائڻ ۽ عالمي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان ”سمٽ آف دي فيوچر ۽ پيڪٽ فار دي فيوچر“ جي دائري ۽ عملن تي مسلسل ڳالهه ٻولهه جو خواهشمند آهي جيڪو پهرين کان ٿيندڙ مشاورت ۾ پيدا ٿيل اتفاق راءِ تي قائم هجي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي سڌارن بابت بين الحڪومتي ڳالهين جهڙن عنصرن کي سربراهه اجلاس جي تياري جي عمل کي موجوده ڳالهين واري عمل ۾ رڪاوٽ جو سبب نه هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي دنيا ۾ ”اشرافيه“ جي نظام تي يقين نه ٿو رکي، عالمي امن ۽ خوشحالي جي مفاد ۾ گڏيل قومون چارٽر جي برابري ۽ خودمختياري جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته سلامتي ڪائونسل ۾ اضافي مستقل ميمبر شامل ڪرڻ سان ان جي ساک ۽ قانوني حيثيت کي وڌيڪ نقصان پهچندو، وڌ کان وڌ امڪاني معاهدي ”يونائٽنگ فار ڪنسنسس گروپ“ جي ڪائونسل جي توسيع جي تجويز جي بنياد تي حاصل ڪري سگهجي ٿو جيڪو محدود انگ ۾ ڊگهي مدي وارين سيٽن جي فراهمي سان گڏ رڳو غيرمستقل زمري ۾ هجي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته حال ۽ مستقبل ۾ امن ۽ خوشحالي جي تعمير، تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته وڏين طاقتن جي مخاصمت ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪيو وڃي، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي مسلسل عملدرآمد ڪيو وڃي، تڪرارن جي بنيادي سببن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اقت جي استعمال نه ڪرڻ جي اصولن جو احترام ڪيو وڃي جڏهن ته خوداراديت، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت، رياستن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان هڪ نئين، منصفاڻي ۽ پرامن عالمي نظام جي ان اهم عملن تي عملدرآمد جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن سان فعال طور تي ڪم ڪندو.