APP36-20 SIALKOT: October 20 – Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan addressing press conference at Gul Behar. APP photo by Munir Butt

سيالڪوٽ – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڀارتي فوج جي لائين آف ڪنٽرول جي سنگين خلاف ورزين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج دنيا جي بهادر فوج آهي جيڪا ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هڪ طرف پاڪستان کي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪرڻو آهي ته ٻئي طرف جيل ۾ ويٺل قيدين جي اشاري تي روزانو نئين فلم هلائيندڙن جي ايجنڊا کي ناڪام بڻائيندي انهن کي شڪست ڏيڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.