APP67-04 ANKARA: January 04 - Prime Minister Imran Khan along with Turkish President Recep Tayyip Erdogan addressing at Joint Press Conference. APP

انقره – 04 جنوري (اي پي پي) ترڪيءَ ۽ پاڪستان ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي معيشت سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان انقره ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ گرمجوشي موجود آهي ۽ اهي وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني علائقي جي ماڻهن ترڪيءَ جي آزادي جي تحريڪ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ويجهڙائپ ۽ دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي.