APP74-31 KARACHI: December 31 - President Dr Arif Alvi chairing the 38th meeting of Senate of Federal Urdu University of Arts, Science & Technology (FUUAST). APP

ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي معياري تعليم سان سڌوسنئون واڳيل آهي، تعليمي ادارن کي عالمي معيار موجب معياري تعليم جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ گهرجن. هن اها ڳالهه وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سينٽ جي 38 هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.