APP55-28 ISLAMABAD: December 28 – Ambassador of Japan, Mr Takashai Kurai calls on Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain. APP

اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽرانسميشن ۽ نشرياتي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ بهتري لاءِ تعاون ڪري. اها ڳالهه هن جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي سان ملاقات دوران چئي جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.