APP22-26 ISLAMABAD: December 26 - President Dr. Arif Alvi being briefed regarding the National Institute of Health. Federal Minister for National Health Services, Regulations and Coordination Aamer Mehmood Kiani is also present on the occasion. APP

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحت جو شعبو موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جيڪا عوام کي صحت جي شعبي ۾ سگهاري، برابر، پهچ جوڳي ۽ سستي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي حوالي سان پرعزم آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار قومي صحت واري اداري (اين آءِ ايڇ) جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر کي اين آءِ ايڇ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن وارو وفاقي وزير عامر محمود ڪياني پڻ ان موقعي تي موجود هو.