APP56-17 ISLAMABAD: December 17 - President Dr. Arif Alvi talking to Regional Director, World Health Organization Dr. Ahmed Salim Saif Al-Mandhari and Regional Director, UNICEF SEARO Ms. Jean Gough who called on him. Federal Minister for National Health Services, Regulations and Coordination, Aamer Mehmood Kiani is also present on the occasion. APP

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سماجي شعبي تي مصارف ۾ اضافو ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، يونيورسل هيلٿ ڪيئر ۽ صحت بابت پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ صحت جي شعبي جي لاءِ بجيٽ رقم کي جي ڊي پي جي موجوده 0.9 سيڪڙو مان وڌائي 2 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هن اها ڳالهه صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر احمد سليم سيف المند هاري ۽ ريجنل ڊائريڪٽر يونيسيف جين گوگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.