APP106-17 ISLAMABAD: December 17 - Finance Minister Asad Umar chairing ECC meeting. APP

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽيڊ ڊيلرز جي لاءِ درآمدي ڀاڻ جي في 50 ڪلوگرام ٻوري جي قيمت 1712 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ ڀاڻ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.