انڊونيشيا جو صدر 26 جنوري تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو

اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويدودو ۽ خاتون اول مادام ايريانا ويدودو26 ۽ 27 جنوري تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان ايندا. صدر ويدودو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب به ڪندو. وزير ۽ واپاري وفد به صدر ويدودو سان گڏ هوندو. صدر ويدودو جو هي پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. ان کان اڳ صدر سوسيلو بمبانگ ڊي ايٽ سربراهه اجلاس …

اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويدودو ۽ خاتون اول مادام ايريانا ويدودو26 ۽ 27 جنوري تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان ايندا. صدر ويدودو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب به ڪندو. وزير ۽ واپاري وفد به صدر ويدودو سان گڏ هوندو. صدر ويدودو جو هي پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. ان کان اڳ صدر سوسيلو بمبانگ ڊي ايٽ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي غرض سان 2012ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. صدر ممنون حسين انڊونيشيا جي صدر جي اعزاز ۾ سرڪاري ضيافت ڏيندو جڏهن ته صدر ويدودو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو. انڊونيشيا جو صدر وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان به ملاقات ڪندو.