وزيراعظم بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

سراجيوو – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هتي پهچي ويو. بوسنيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير ازمير جيسڪو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن بوسنيائي گادي واري شهر ۾ وزيراعظم ۽ سندس وفد جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي بوسنيا ۾ پاڪستان جو سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سليم نواز ۽ بوسنيائي سفير نديم مڪاروڪ پڻ موجود هئا. …

سراجيوو – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هتي پهچي ويو. بوسنيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير ازمير جيسڪو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن بوسنيائي گادي واري شهر ۾ وزيراعظم ۽ سندس وفد جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي بوسنيا ۾ پاڪستان جو سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سليم نواز ۽ بوسنيائي سفير نديم مڪاروڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم جيئن ئي جهاز مان لٿو ته کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. روايتي لباس پهريل ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو.

مزید خبریں