نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي روسي فيڊريشن جي گهرو وزير سان ملاقات، پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي تازي اعلى سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي آجيان ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي روسي فيڊريشن جي گهرو وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف سان …

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي تازي اعلى سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي آجيان ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي روسي فيڊريشن جي گهرو وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ ملاقات ۾ شريڪ ٿيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي تازي اعلى سطحي دورن ۽ مٽاسٽا جي آجيان ڪئي. ٻنهي طرفن کان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ، عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون برقرار رکڻ جي مختلف امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں