اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي سيڪريٽري جي هدايتن جي روشني ۾، انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (IBCC) قومي امتحاني معيار جي معيار واري انڊيڪسNational Examination Quality Index – NEQSI)) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ، اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي …
انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن قومي امتحاني معيار جي معيار واري انڊيڪس جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ، اسلام آباد ۾ منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي سيڪريٽري جي هدايتن جي روشني ۾، انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (IBCC) قومي امتحاني معيار جي معيار واري انڊيڪسNational Examination Quality Index – NEQSI)) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس آءِ بي سي سي سيڪريٽريٽ، اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي 27 سرڪاري تعليمي بورڊز ۾ هڪجهڙي ۽ عالمي معيار موجب امتحاني معيار متعارف ڪرائڻ لاءِ تجويز ڪيل فريم ورڪ جو جائزو ورتو ويو. هي قدم امتحاني نظام جي معيار، شفافيت، غير جانبداري ۽ ساک کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم جو مظهر آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي تجويز ڪيل اهڃاڻن، ڪارڪردگي جي هدفن ۽ عملدرآمد جي مرحلن تي غور ڪيو. وڌيڪ بهتري لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا تجويز ڪيل اهڃاڻن ۽ هدفن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سفارشون تيار ڪري انهن کي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. قومي امتحاني معيار جي انڊيڪس (اين اي ڪيو ايس آءِ) جو مقصد سڄي ملڪ ۾ امتحاني معيار جانچڻ لاءِ هڪ مؤثر، هڪجهڙو ۽ اعتماد جوڳو نظام قائم ڪرڻ آهي. ان جي ذريعي امتحاني طريقيڪار ۾ بهتري، تعليمي بورڊز وچ ۾ معيار ۽ نتيجن جو چٽاڀيٽي وارو جائزو، عوامي اعتماد ۾ اضافو ۽ پاڪستان جي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي سندن جي عالمي سطح تي قبوليت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. انهن قدمن سان پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شاگردن لاءِ به وڌيڪ موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد پڻ آهي. ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته نيڪسي (NEQSI) پاڪستان جي امتحاني نظام کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ، هڪجهڙا معيار متعارف ڪرائڻ ۽ مسلسل بهتري طرف هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته نيڪسي ذريعي سڄي ملڪ ۾ امتحانن ۽ جانچ جي معيار کي بهتر بڻائڻ، پنهنجي امتحاني نظام کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ پاڪستاني تعليمي سندن جي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ قبوليت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هڪ شفاف ۽ هڪجهڙي معيار جي نظام ذريعي اسان امتحانن جي ساک ۾ اضافو ۽ پنهنجي شاگردن لاءِ تعليمي موقعن کي وڌائڻ چاهيون ٿا. آءِ بي سي سي لاڳاپيل ادارن ۽ تعليمي بورڊز سان گڏجي هن قومي قدم کي اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ هڪ شفاف، قابل اعتماد ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ امتحاني نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.











