اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ملڪ جو سڀ کان اهم مسئلو دهشتگردي آهي پر پي ٽي آءِ ڪڏهن دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي ڇاڪاڻ ته رياست پاڪستان ان جي حريف ۽ افغانستان جا طالبان سندن حليف آهن، دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندڙ فوج کي هاڻي اهو يقين هوندو ته صوبائي حڪومت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي …
ملڪ جو سڀ کان اهم مسئلو دهشتگردي آهي، پر پي ٽي آءِ ڪڏهن دهشتگردي جي مذمت نه ڪئي، دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندڙ فوج کي هاڻي اهو يقين هوندو ته حڪومت سندن پٺيان بيٺل آهي: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ملڪ جو سڀ کان اهم مسئلو دهشتگردي آهي پر پي ٽي آءِ ڪڏهن دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي ڇاڪاڻ ته رياست پاڪستان ان جي حريف ۽ افغانستان جا طالبان سندن حليف آهن، دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندڙ فوج کي هاڻي اهو يقين هوندو ته صوبائي حڪومت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي پيش ڪيل قرارداد جي حق ۾ خطاب ڪندي دفاع واري وزير چيو ته هتي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تقريرن ۾ اهڙا معاملا اٿاريا ويندا آهن جيڪي ماضي ۾ بي مثال هئا. هن ايوان ۾ پي ٽي آءِ اسان کي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته ڪي پي ڪي ۾ افغانين کي ڪيئن آباد ڪجي. اڀي نندن جو مسئلو جڏهن آيو ته اسان کي گهرايو ويو ته اسان کي ان کي آزاد ڪرڻو آهي. کين پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ کان اڳ، اها ڳالهه ڏسڻ گهرجي ته انهن جا پنهنجا عمل ڪهڙا هئا. هن ايوان ۾ ۽ ايوان کان ٻاهر پي ٽي آءِ جو باني جنرل باجوه جي واکاڻ ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪجندو، جيستائين قول ۽ فعل ۾ فرق رهندو ملڪ جون حالتون نه بدلجنديون. هن چيو ته هاڻي ڳالهه جيل ۾ کاڌن جي لسٽ تي پهچي چڪي آهي، جڏهن آئون جيل ۾ هئس ته شديد سيءَ ۾ مون کي ڪمبل به نه ڏنو ويو، گيزر لڳو ته حڪم آيو ته گيزر لاٿو وڃي. هن چيو ته کيس تنقيد ڪندي ماضي کي حذف نه ڪرڻ گهرجي، نواز شريف ۽ مريم نواز جڏهن اڊيالا جيل ۾ هئا ته گرمي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مٿي تي ڪپڙو پُسائي رکندا هئا. هن چيو ته جيل همت سان ان لاءِ ڪاٽي ته آئون نواز شريف جو وفادر هئس ۽ منهنجا پنهنجا نظريا هئا. هن چيو ته اسان به عدالتن ۾ ويندا هئاسين اسان اهڙا معاملا نه بڻايا جيڪي اهي ماڻهو بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو مسئلو صرف دهشتگردي جو آهي پهرين ٽن سالن ۾ 29 سئو واقعا ٿيا ۽ گذريل سال 37 سئو واقعا ٿيا، حمزه شهباز سڀني کان وڌيڪ قيد ڪاٽيو، ان لاءِ اسان ڊي چوڪ ۾ ماتم نه ڪيو، نه جلوس ڪڍيا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير افغانستان ۾ ويٺل شخص کان هدايتون وٺندو هو، ان جي حريف پاڪستان جي رياست آهي ۽ حليف افغانستان جا طالبان آهن. هن چيو ته جيڪڏهن سندن گذريل 13 سالن جي حڪمراني جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته باقي صوبا ڪٿي آهن ۽ ڪي پي ڪي ڪٿي بيٺل آهي؟ ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي اخلاقي برتري لاءِ حڪمراني بهتر ڪرڻ گهربي هئي پر هنن اتي جو نظام ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي، گهرو وزير گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ هر ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي ته ڳالهين جو عمل ڪنهن جي چوڻ تي ناڪام ٿيو، هن ايوان ۾ ايتري نَڪ جي پڪائي سان اهو نه چوڻ گهرجي ته هي سب آب زمزم ۽ کير جا ڌوتل آهن، غلطيون اسان کان به ٿيون آهن پر ايوان ۾ اسماءِ حسنه هيٺان بيهي ڪوڙ نه ڳالهائڻ گهرجي. دفاع واري وزير ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته اڳوڻو وزيراعظم گهر کان وزيراعظم هائوس هيلي ڪاپٽر تي ايندو هو، هيلي ڪاپٽر کي هن رڪشو بڻايو هو جنهن جي هڪ ڏينهن جو خرچ 13 لک هو، جڏهن هڪ شخص افغانستان ۾ ويهي ڪي پي حڪومت هلائي رهيو هجي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو، جڏهن اوهان جون پنهنجون حڪومتون روپوش ۽ مفرورن کي ليز تي ڏيندا ته ائين ئي ٿيندو آهي، ان جي اڳواڻن چيو ته هو سيخن پويان وڊيو بڻائيندو ۽ ٻي ڏينهن هو ان ڳالهه تان به ڦري ويو، هي چاهين ٿا ته 9 مئي ۽ ڌرڻن وارو 13 سالن جو دور واپس اچي ۽ هي پارليامينٽ تي حملو ڪن اهو هاڻي نه ٿيندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ اسان جي فوج جيڪا جنگ وڙهي رهي آهي، ان کي هاڻي خبر هوندي ته حڪومت سندن پٺيان بيٺل آهي، هن چيو ته هي ماڻهو ڪنهن شهيد جي جنازي تي ڪڏهن ناهن ويا، نه وري هنن دهشتگردي خلاف مذمتي بيان ڏنو، هي پنهنجو ڪو هڪ بيان ڪڍي ڏيکارين ته سيڪيورٽي ادارن سان ڪڏهن يڪجهتي جو اظهار ڪيو هجي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان پاڪستان جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو سڀني سان محبت جو رشتو آهي پر اسان جو سڀ کان وڏو ۽ محترم رشتو صرف ۽ صرف پاڪستان سان آهي.











