اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي چئلينجن جي باوجود پاڪستان معاشي محاذ تي اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، گذريل ٻن سالن دوران ٽيڪس آمدني ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سرڪاري قرض جو مقدار مجموعي قومي پيداوار جي 75 سيڪڙو کان گهٽجي 68 سيڪڙو رهجي ويو آهي. هن اها ڳالهه بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف …
عالمي چئلينجز جي باوجود پاڪستان معاشي محاذ تي اڳڀرائي ڪري رهيو آهي: ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي چئلينجن جي باوجود پاڪستان معاشي محاذ تي اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، گذريل ٻن سالن دوران ٽيڪس آمدني ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سرڪاري قرض جو مقدار مجموعي قومي پيداوار جي 75 سيڪڙو کان گهٽجي 68 سيڪڙو رهجي ويو آهي. هن اها ڳالهه بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي مارڪيٽ تائين پهچ وارن ملڪن کي خودمختيار مالياتي خطرن کان بچائڻ جي موضوع تي پينل بحث دوران چئي. ناڻي واري وزير عالمي معاشي چئلينجز باوجود پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ سڌارن جي حوالي سان کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان جو مالياتي خسارو مجموعي قومي پيداوار جي 2.6 سيڪڙو تائين رهجي ويو آهي جيڪو 22 سالن جي گهٽ ترين سطح آهي جڏهن ته ملڪ مسلسل ٽن سالن تائين بنيادي مالياتي سرپلس حاصل ڪرڻ جي قابل رهيو آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن دوران ٽيڪس آمدني ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته سرڪاري قرضن جو ڳاڻيٽو قومي پيداوار جي 75 سيڪڙو کان گهٽجي 68 سيڪڙو رهجي ويو آهي، پاڪستان چار سالن جي وقفي کان پوءِ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ واپس آيو ۽ ٽي ارب ڊالر حاصل ڪيا. ناڻي واري وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي سڌارن وارو پروگرام قومي ترجيحن مطابق اڳتي وڌايو پيو وڃي ۽ آءِ ايم ايف هن عمل ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن زور ڏنو ته معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جو ايندڙ هدف پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي.











