گڏيل قومون-14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جمهوريه ڪانگو جي اوڀر علائقن ۾ جاري تڪرار جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ بهتر رابطه ڪاري تي زور ڀريندي چيو آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي کي زميني حقيقت ۾ بهتري ۽ ٺوس قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ علائقي ۾ شهرين جي لڏ پلاڻ، غذائي عدم تحفظ ۽ ايبولا جي وبا انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي. گڏيل قومن …
اوڀر ڊي آر ڪانگو ۾ تڪرار جي حل لاءِ مربوط سفارتي ڪوششون اڻٽر آهن: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جمهوريه ڪانگو جي اوڀر علائقن ۾ جاري تڪرار جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ بهتر رابطه ڪاري تي زور ڀريندي چيو آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي کي زميني حقيقت ۾ بهتري ۽ ٺوس قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ علائقي ۾ شهرين جي لڏ پلاڻ، غذائي عدم تحفظ ۽ ايبولا جي وبا انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي نمائندي عثمان جدون گذريل ڏينهن گريٽ ليڪس خطي جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته اتر ۽ ڏکڻ ڪيوو ۾ مسلسل ويڙهه، هٿياربند گروهن جي سرگرمين ۽ ڊرونز جي وڌندڙ استعمال سان شهرين جي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام کي خطرا لاحق آهن. هن اوڀر ڊي آر ڪانگو جي نازڪ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته فوري ترجيح جنگبندي کي موثر ۽ پائيدار بڻائڻ آهي ته جئين سياسي حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته خطي ۾ امن لاءِ سفارتي معاهدن ۽ ڳالهين وارو طريقيڪار پهرين کان موجود آهن، جن ۾ ڪانگو ۽ روانڊا وچ ۾ واشنگٽن امن معاهدو ۽ ڪانگو حڪومت ۽ اي ايف سي /ايم 23 وچ ۾ قطر جي سهولتڪاري ۾ جاري دوحه ڳالهيون شامل آهن، جڏهن ته مسلسل ويڙهه ۽ معاهدن تي عملدرآمد ۾ فرق امن جي ڪوششن کي متاثر ڪري رهيو آهي. هن سمورن لاڳاپيل ملڪن ۽ ڌرين تي زور ڀريو ته هو محض بيانن تائين محدود رهڻ بدران پنهنجي سفارتي وعدن کي ٺوس ۽ قابل تصديق قدمن ۾ تبديل ڪن، ته جئين خطي ۾ اعتماد جي بحالي ممڪن ٿي سگهي. سفير عثمان جدون، ڊي آر ڪانگو جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي خطي جي امن، سلامتي ۽ تعاون جي فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. اجلاس جي شروعات تي گريٽ ليڪس خطي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خا نمائندي هوانگ شيا، ڊي آر ڪانگو ۽ خطي لاءِ 2013ع جي امن، سلامتي ۽ تعاون جي فريم ورڪ تي عملدرآمد سان لاڳاپيل پنهنجي 6 ماهي رپورٽ پيش ڪئي.











