اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين موجب سامونڊي سلامتي، تحفظ ۽ ضابطه ڪار جي نگراني کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، موجوده علائقائي ڇڪتاڻ دوران اسان جي سامونڊي جهازن ۽ سامونڊي عملي هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل حالتن ۾ فرضن کان وڌي ڪري خدمتون سرانجام ڏئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي، غيرمعمولي جرئت، …
پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين موجب سامونڊي سلامتي، تحفظ ۽ ضابطه ڪار جي نگراني کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين موجب سامونڊي سلامتي، تحفظ ۽ ضابطه ڪار جي نگراني کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، موجوده علائقائي ڇڪتاڻ دوران اسان جي سامونڊي جهازن ۽ سامونڊي عملي هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل حالتن ۾ فرضن کان وڌي ڪري خدمتون سرانجام ڏئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي، غيرمعمولي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم جي مظاهري سان بظاهر ناممڪن چئلينجز کي اهڙن ڪارنامن ۾ تبديل ڪيو ويو جن تي قوم فخر ڪري سگهي ٿي. هن اها ڳالهه ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 24 سيپٽمبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر ان موقعي تي پاڪستان جي سامونڊي جهازن، سامونڊي شعبي بابت ماهرن، بندرگاهن جي عملدارن، شپ آپريٽرز، ريگيوليٽرز، تربيتي ادارن ۽ سامونڊي شعبي سان واڳيل ماهرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ لڳاءُ ساموندي چرپر جي تحفظ ۽ موثر ڪارڪردگي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته هن سال ان ڏينهن جو موضوع “پاليسي کان عملدرآمد تائين: سامونڊي شعبي ۾ اعلى معيار جو فروغ” ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو ته عالمي سامونڊي معيارن کي موثر قومي قانونن، ضابطن ۽ روزاني جي عملي قدمن ۾ تبديل ڪيو وڃي. پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين موجب سامونڊي سلامتي، تحفظ ۽ ضابطه ڪار جي نگراني کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان جا سامونڊي جهاز ۽ سامونڊي شعبي سان واڳيل ماهر ان ڪوشش جو محور آهن. صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته اسان جي افرادي قوت ڊيجيٽل نيوي گيشن، آٽوميشن، نئين ٻارڻ ۽ سائبر سيڪيورٽي سميت ٽيڪنيڪي تبديلين جي لاءِ مڪمل طور تي تيار هجي، سامونڊي تعليم، تربيت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ مسلسل سيڙپڪاري جاري رکڻي پوندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهيو آهي. پورٽ قاسم تي جديد “ويسل ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم” هڻڻ سان سامونڊي رستن جي سلامتي، جهازن جي نگراني، سامونڊي تحفظ ۽ آپريشنل صلاحيت ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن سان گڏوگڏ اسان کي ماحولياتي تحفظ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ پنهنجي بندرگاهن ۽ سامونڊي افرادي قوت کي ماحول دوست جهاز راني طرف منتقلي جي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته مضبوط سامونڊي شعبو قومي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندي واپار، روزگار، رابطن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. عالمي معيارن تي موثر عملدرآمد، مضبوط ادارا، جديد انفراسٽرڪچر ۽ هنرمند ساموندي ماهر پاڪستان کي ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۾ مدد ڏيندا. هن چيو ته موجوده علائقائي ڇڪتاڻ دوران اسان جي سامونڊي جهازن ۽ سامونڊي عملي هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل حالتن ۾ فرضن کان وڌي ڪري خدمتون سرانجام ڏئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي. هن غيرمعمولي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي بظاهر ناممڪن نظر ايندڙ چئلينجز کي اهڙن ڪارنامن ۾ تبديل ڪيو جن تي قوم فخر ڪري سگهي ٿي. صدر ان موقعي تي پاڪستان جي سامونڊي جهازن ۽ سامونڊي شعبي سان واڳيل ماهرن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جون خدمتون اسان جي معيشت ۽ عالمي واپار جي لاءِ مددگار آهن. هن سمورن لاڳاپيل ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي سامونڊي پاليسين ۽ معيارن کي موثر عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ تحفظ، ڪارڪردگي ۽ ماحولياتي ذميواري جا اعلى معيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن.










