اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ سامونڊي ملڪ جي حيثيت سان سامونڊي سلامتي ۽ تحفظ، ماحولياتي پائيداري ۽ پيشيواراڻي صلاحيت جي بهتري جو خواهشمند آهي ته جيئن عالمي معيار جي هڪ مضبوط، جديد ۽ چٽاڀيٽي جي صلاحيت رکندڙ سامونڊي شعبي جي منزل حاصل ٿي سگهي، حڪومت جو پختو عزم آهي ته ملڪي سامونڊي صلاحيتن کي پائيدار معاشي …
پاڪستان هڪ ذميوار ۽ سامونڊي ملڪ جي حيثيت سان سامونڊي سلامتي ۽ تحفظ، ماحولياتي پائيداري ۽ پيشيواراڻي صلاحيت جي بهتري جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ سامونڊي ملڪ جي حيثيت سان سامونڊي سلامتي ۽ تحفظ، ماحولياتي پائيداري ۽ پيشيواراڻي صلاحيت جي بهتري جو خواهشمند آهي ته جيئن عالمي معيار جي هڪ مضبوط، جديد ۽ چٽاڀيٽي جي صلاحيت رکندڙ سامونڊي شعبي جي منزل حاصل ٿي سگهي، حڪومت جو پختو عزم آهي ته ملڪي سامونڊي صلاحيتن کي پائيدار معاشي ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سامونڊي معاملن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ سامونڊي معاملن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان محفوظ، فعال پرامن ۽ ماحول دوست سامونڊي چرپر جي فروغ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته سامونڊي ذريعا پاڪستان جي واپاري چرپر، علائقائي ۽ عالمي دفاعي رابطن ۽ بليو اڪانومي سان ڳنڍيل معاشي سرگرمين جو محور آهن. شهباز شريف چيو ته هن سال هي عالمي ڏينهن “پاليسي کان عملي قدمن تائين: سامونڊي شعبي ۾ اعلى معيار جي ڪارڪردگي جو فروغ” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ان رخ ۾ موثر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، اسان جي ترجيح آهي ته عالمي سامونڊي معيارن ۽ عالمي ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي ڪنوينشنز کي قومي سامونڊي صنعت ۾ لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته سامونڊي ذريعن جي ترقي ۽ مهارت پاڪستان ويزن 2047ع جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڻ لازمي آهي، پاڪستان سامونڊي تحفظ ۽ سلامتي ۽ ٻين خدمتن تي مقرر افرادي قوت جي پيشيواراڻي اهليت ۾ بهتري، معياري سامونڊي تعليم ۽ تربيت، مستنند سرٽيفڪيشن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحول دوست سامونڊي چرپر، ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن، عالمي دنيا کي گڏيل خوشحال مستقبل جي لاءِ متبادل سامونڊي ٻارڻ، جديد ٽيڪنالاجيز جي شموليت، توانائي جي ذميواراڻي استعمال ۽ سامونڊي آلودگي جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته قومي سطح تي سامونڊي نظام جي ڊيجيٽل منتقلي جي لاءِ سمارٽ شپنگ، ٺوس بندرگاهي نظام، مصنوعي ذهانت ۽ اڳڪٿي تي ٻڌل ٽيڪنالاجيز ۽ سائبر سيڪيورٽي جي مضبوطي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار سامونڊي ملڪ جي حيثيت سان سامونڊي سلامتي ۽ تحفظ، ماحولياتي پائيداري ۽ پيشيواراڻي صلاحيت جي بهتري جو خواهشمند آهي ته جيئن عالمي معيار جي هڪ مضبوط، جديد ۽ چٽاڀيٽي جي صلاحيت رکندڙ سامونڊي شعبي جي منزل حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت جو عزم پختو آهي ته ملڪي سامونڊي صلاحيتن کي پائيدار معاشي ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻو آهي.










