اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي جي 200 کان وڌيڪ مرمت هيٺ (هيلڊ اپ) ڪوچز کي فوري طور بحال ڪري فيلڊ ۾ آڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ريلوي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي هن مغل پوره ورڪشاپ ۾ ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن مسافرن کي ڪوچز جي کوٽ کي منهن نه …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران 200 مرمت هيٺ ريلوي ڪوچز جي فوري بحالي جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-02 اپريل (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي جي 200 کان وڌيڪ مرمت هيٺ (هيلڊ اپ) ڪوچز کي فوري طور بحال ڪري فيلڊ ۾ آڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ريلوي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي هن مغل پوره ورڪشاپ ۾ ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن مسافرن کي ڪوچز جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ ٽرين آپريشنز ۾ تسلسل برقرار رهي. اجلاس دوران وفاقي وزير کي ريلوي جي آمدني ۽ آپريشنل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. محمد حنيف عباسي واضح ڪيو ته ريلوي کي هڪ منافع بخش ۽ اعتماد جوڳو ادارو بڻائڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر آمدني جي هدفن کي هر صورت ۾ حاصل ڪيو وڃي ۽ فريٽ ۽ مسافر ٽرينن جي سروس ڊليوري ۾ نمايان بهتري آندي وڃي ته جيئن عوام کي سفر جون بهترين سهولتون ميسر اچي سگهن.











