اسلام آباد _02 اپريل (اي پي پي ) ايس آءِ ايف سي صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو آٽو سيڪٽر نمايان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي . ايس آئي ايف سي اختيارين مطابق ملڪي آٽو صنعت صرف مقامي طلب کي موثر انداز ۾ پورو ڪري رهي آهي پر عالمي سطح تي توسيع ۽ ڇٽاڀيٽي لاءِ به …
ايس آءِ ايف سي تحت آٽو سيڪٽر ۾ تيزي، وڪري ۾ 51 سيڪڙو اضافو ۽ سيڙپڪاري جو روشن امڪان

مزید خبریں
اسلام آباد _02 اپريل (اي پي پي ) ايس آءِ ايف سي صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو آٽو سيڪٽر نمايان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي . ايس آئي ايف سي اختيارين مطابق ملڪي آٽو صنعت صرف مقامي طلب کي موثر انداز ۾ پورو ڪري رهي آهي پر عالمي سطح تي توسيع ۽ ڇٽاڀيٽي لاءِ به تيار ٿي رهي آهي . آٽو سيڪٽر جي پيداواري صلاحيت ساليانو 5 لک يونٽس تائين پهچي چڪي آهي ، جيڪا ان صنعت جي مصبوط بنيادن ۽ وڌندڙ صلاحيت ڪري آهي . فيبروري 2026ع ۾ مسافر گاڏيم جي وڪري ۾ سالياني بنيادن تي 51 سيڪڙو جو اضافو رڪارد ڪيو ويو ، جيڪو صارفين جي وڌندڙ گهرج ۽ سازگار پاليسي ماحول سبب آٽو صنعت تيزي سان سيڙپڪاري لاءِ هڪ اهم ۽ پرڪشش شعبو بڻجي رهي آهي . اهو رجحان نه صرف صنعتي ترقي کي هٿي ڏئي رهيو آهي پر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.











