اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آٽزم بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ان ڏينهن اسان هن سال جي موضوع ”آٽزم ۽ انسانيت – هر زندگي قيمتي آهي“ تحت گڏ ٿيندا آهيون ته جيئن آٽزم وارن ماڻهن جي صلاحيتن ۽ خدمتن کي تسليم ڪريون ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي حمايت ڪريون جيڪو انهن …
آٽزم بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جو مقصد آٽزم وارن ماڻهن جي صلاحيتن ۽ خدمتن کي تسليم ڪرڻ آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آٽزم بابت آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ان ڏينهن اسان هن سال جي موضوع ”آٽزم ۽ انسانيت – هر زندگي قيمتي آهي“ تحت گڏ ٿيندا آهيون ته جيئن آٽزم وارن ماڻهن جي صلاحيتن ۽ خدمتن کي تسليم ڪريون ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي حمايت ڪريون جيڪو انهن جي ضرورتن جي لاءِ وڌيڪ کليل ۽ جوابده هجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ صدر چيو ته آٽزم ڪا ڪمزوري نه آهي پر اهو دنيا کي محسوس ڪرڻ جو هڪ مختلف انداز آهي، اسان جي ذميواري آهي ته آٽزم اسپيڪٽرم تي موجود ماڻهن کي اها معاونت، تعليم ۽ سمجهه فراهم ڪريون جنهن جي انهن کي بااعتماد زندگي گذارڻ جي لاءِ ضرورت آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هر 100 مان هڪ ٻار آٽزم اسپيٽرڪم تي هوندو آهي، اها ڪيفيت شروعاتي واڌويجهه کي متاثر ڪري ٿي ۽ ان جون علامتون عام طور تي زندگي جي شروعاتي سالن ۾ ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ان ڳالهه تي اثرانداز ٿين ٿيون ته ٻار ڪيئن ڳالهه ڪري ٿو، سکي ٿو ۽ ٻين سان ميل جول رکي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ دستياب اندازن موجب اٽڪل 0.5 سيڪڙو آبادي ان کان متاثر آهي، اهو هڪ وڏو انگ آهي اهڙن خاندانن جو جيڪي تشخيص، تعليم، ٿراپي ۽ سماجي قبوليت تائين مسلسل پهچ جا محتاج آهن، خطرن ۾ گهٽتائي جو دارومدار شروعاتي سُڃاڻپ ۽ وقت سر مداخلت تي آهي. صدر چيو ته ٻارن جي معمولي جي طبي معائني دوران اسڪريننگ ۽ ڊاڪٽرن، استادن ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي بهتر تربيت جي ذريعي وقت سر رهنمائي مممڪن بڻائي سگهجي ٿي، ويم دوران غذائي معاونت، خاص طور تي فولڪ ايسڊ سپليمينٽس جو استعمال، خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي، ان سان ٻارن کي وقت سر مدد فراهم ڪرڻ ممڪن هوندو آهي جڏهن ان جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪيترن ئي خاندانن جي لاءِ ان جا اثر روزاني جي زندگي ۾ محسوس ٿين ٿا، والدين کي اڪثر خصوصي علاج جي لاءِ ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو يا ٿراپي سيشنز ۾ شرڪت جي لاءِ پنهنجي ڪم جي وقت ۾ تبديلي ڪرڻي پوي ٿي، اسڪولن ۾ سدائين تربيت يافته عملو يا مناسب سهولتون موجود ناهن هونديون، اهي اهڙا عملي مسئلا آهن جن تي سرڪاري ادارن ۽ مقامي انتظاميا جو مسلسل ڌيان گهربل آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت شروعاتي تشخيص، جامع تعليم، بحالي جي خدمتن ۽ عوامي آگاهي جي ذريعي مددگار نظام کي مضبوط بنائڻ ۾ مصروف آهي، مقصد انهن رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ آهي جيڪي آٽزم وارن ماڻهن کي معاشري ۾ مڪمل طور تي حصو وٺڻ کان روڪين ٿيون ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ دستياب سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته انهي سلسلي ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ هڪ خصوصي آٽزم سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي تشخيصي خدمتن، اسپيچ ۽ لينگوئيج ٿراپي، آڪوپيشنل ٿراپي، رويه جاتي مدد ۽ والدين جي لاءِ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي ٿي، اهڙي طرح جون سهولتون ٺوس نگهداشت جي نظام جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. صدر چيو ته آئون خاندانن، استادن، طبي ماهرن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي آگاهي ۽ سهولتن م موجود خال کي ڀرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، اڳڀرائي هر سطح تي عملي تعاون جي گهرجائو آهي. هن چيو ته هڪ معاشري جي سڃاڻپ ان ڳالهه مان ٿئي ٿي ته اهو انهن ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري ٿو جيڪي مدد جا محتاج هجن، اسان کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو آٽزم رکندڙ ماڻهو باوقار زندگي گذاري سگهن، روزاني جي زندگي ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن ۽ بنا سبب جي رڪاوٽن کانسواءِ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن.











