ناڻي واري وفاقي وزير سان آءِ ايف سي جي پاڪستان، افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي ڊويزنل ڊائريڪٽر سائمن انڊريو جي ملاقات

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) گڏيل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، ترجيحي قدمن تي تيز رفتار عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ عالمي بئنڪ گروپ جي سمورن دستياب مالياتي ۽ فني وسيلن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سڌارن جي ايجنڊا، نجي شعبي جي ترقي ۽ جٽادار ۽ جامع اقتصادي اؤسر جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اها ڳالهه …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) گڏيل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، ترجيحي قدمن تي تيز رفتار عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ عالمي بئنڪ گروپ جي سمورن دستياب مالياتي ۽ فني وسيلن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سڌارن جي ايجنڊا، نجي شعبي جي ترقي ۽ جٽادار ۽ جامع اقتصادي اؤسر جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اها ڳالهه گذريل ڏينهن هتي ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ آءِ ايف سي جي پاڪستان، افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي ڊويزنل ڊائريڪٽر سائمن انڊريو وچ ۾ ملاقات ۾ چئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازر ۽ آءِ ايف سي جي ڪنٽري مئنيجر ناز خان به موجود هئي. ناڻي واري وزير سائمن انڊريو جي تازي تقرير جي آجيان ڪندي گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ آءِ ايف سي جي وڌندڙ شموليت خاص ڪري سيڙپڪاري، واپاري ماليات ۽ مشاورتي معاونت جي شعبن ۾ سهڪار کي ساراهيو. هن آءِ ايف سي جي مقامي سطح تي قيادت ۽ وقت سر ردِعمل جي هاڪاري اثرن جي تائيد ڪندي چيو ته اعليٰ سطح جي نمائندگيءَ ۾ واڌ سان گڏيل سهڪار ۽ منصوبن جي تڪميل ۾ نمايان بهتري آئي آهي. آءِ ايف سي جي وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ پنهنجي وڌندڙ سيڙپڪاري پورٽ فوليو بابت بريفنگ ڏني جيڪا هاڻ ساليانو 2 ارب ڊالرن کان مٿي ٿي چڪي آهي، اهڙيءَ طرح هلندڙ سال تقريبن 2.7 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي عزم به ڪيو ويو. اهم شعبن ۾ مالياتي سيڪٽر جي معاونت شامل آهي، جنهن ۾ رسڪ شيئرنگ ۽ گارنٽي سهولتن ذريعي واپار ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فنانسنگ کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مقامي ڪرنسي ۾ قرضن جي فراهمي ۾ واڌ ۽ آئينده لاءِ کنيل قدمن جهڙوڪ مختلف نمونن جي پيمينٽ رائٽس فيسيلٽي ۽ هڪ وڏي مقامي بئنڪ سان گرين بانڊ جاري ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي. ملاقات ۾ خاص بنيادي ڍانچي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته جيتوڻيڪ شهري پاڻي جي انتظام ۽ ورڇ جي ڪارڪردگي جي منصوبن جهڙن شعبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي جڏهن ته ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وڏي پيماني تي نجي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ماليات جوڳن منصوبن جي مضبوط فهرست تيار ڪرڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جهڙن شعبن ۾ بهتر رابطا ڪاري جي ضروري آهي. وفاقي وزير خاص ڪري نجي شعبي جي ترقيءَ کي سهارو ڏيڻ ۽ مٽاسٽا جي شرح جا خطرا گهٽ ڪرڻ لاءِ مقامي ڪرنسيءَ ۾ قرضن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مالياتي حل لاءِ صارفين تي ٻَڌل نقطهءِ نظر اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واضح ڪيو ته اهڙا قدم پرڏيهي ڪرنسي جي آمد جو متبادل ناهي پر ان جي تڪميل ۽ پائيدار اقتصادي واڌ لاءِ اڻٽر آهن. اجلاس ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، ڪاروباري صلاحيت ۽ جدت کي هٿي وٺرائڻ جي سهڪار تي به بحث ٿيو، جنهن ۾ وينچر ڪيپيٽل نظام جي جوڙجڪ ۽ پاليسي سازي ۾ نجي شعبي جي شموليت کي مضبوط بنائڻ جون تجويزون شامل هيون. ڌُرين حڪومت ۽ ڪاروباري حلقن وچ ۾ ڳالهين کان وڌيڪ اداره جاتي شڪل ڏيڻ جي طريقيڪار تي به غور ڪيو ته جيئن اثرائتي ۽ وقت سر پاليسي سازيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. وسيع تر ڳالهين ۾ علائقائي اقتصادي رابطن، خاص ڪري وچ ايشيائي ملڪن سان سهڪار ۽ زرعي ڪاروبار، بنيادي ڍانچي ۽ واپاري رابطن ۾ اُڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. ناڻي واري وزير وفد کي حڪومت طرفان عالمي غير يقيني صورتحال باوجود ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ جي جاري ڪوششن کان به آگاهه ڪيو جن ۾ توانائي جي سپلاءِ چينز جو اثرائتو انتظام، مالياتي نظم و ضبط ۽ هدفي سبسڊي فريم ورڪ شامل آهن. ڌُرين گڏيل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، ترجيحي قدمن ۽ تيز رفتار عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۽ عالمي بئنڪ گروپ جي سمورن دستياب مالياتي ۽ فني وسيلن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سڌارن جي ايجنڊا، نجي شعبي جي ترقي ۽ جامع اقتصادي اؤسر جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں