اسلام آباد-25 جون (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ جي بهتري ۽ ترقي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ گڏاڻي کي جديد ترين ماڊل گرين شپ بريڪنگ يارڊ ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزارت جي سينئر آفيسرن، فني ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته گڏاڻي منصوبي لاءِ 12 ارب روپين جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ذريعي گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ کي عالمي ماحولياتي ۽ موسمياتي معيار موجب جديد ماڊل يارڊ ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته هي منصوبو نه رڳو انفرا اسٽرڪچر جي بهتري پر ماحولياتي تحفظ، مزدورن جي صحت ۽ سلامتي ۽ صنعتي ترقي جي نئين دور جو آغاز هوندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته منصوبي تحت 30 بسترن تي ٻڌل هڪ جديد اسپتال تعمير ڪئي ويندي جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن لاءِ رهائشي سهولتون به مهيا ڪيون وينديون. ان کانسواءِ 32 ڪلوميٽر ڊگهو رستو، اسڪول، پارڪ ۽ مزدورن لاءِ ليبر ڪالوني به تعمير ڪئي ويندي. منصوبي ۾ صاف پاڻي جي فراهمي، نيڪال وارو سسٽم ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو ويندو. هن واضح ڪيو ته گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ جي بحالي سان پاڪستان جي سالياني اسٽيل پيداوار ۾ استحڪام ايندو، جيڪو 12 لک ٽن ساليانو تائين پهچي سگهي ٿي. هي منصوبو مقامي برادري لاءِ روزگار جن نوان موقعن، فلاحي منصوبن ۽ معيشت ۾ بهتري جو سبب بڻجندو. وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي ۾ شفافيت، نگراني ۽ وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط مانيٽرنگ سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي. ماحوليات بابت هانگ ڪانگ انٽرنيشنل ڪنوينشن طور محفوظ شپ ري سائيڪلنگ تي مڪمل عملدرآمد به ان منصوبي جو لازمي حصو هوندو.هن چيو ته گڏاڻي جي بحالي پاڪستان کي گرين شپ ري سائيڪلنگ جو هڪ علائقائي مرڪز بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. عالمي معيار موجب شپ بريڪنگ صنعت جي جوڙجڪ اڻٽر آهي ته جيئن پاڪستان عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪري سگهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ماحولياتي تحفظ ۽ معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏاڻي منصوبي جي وقت سر تڪميل انتهائي ضروري آهي ته جيئن نه رڳو صنعتي ترقي کي سگهه ملي پر پاڪستان عالمي سطح تي گرين اڪنامي جي سفر ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي.