اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس، آزاد ڪشمير حڪومت جي جيلن واري صلاحڪار سردار احمد صغير، ايم ايل اي علي شان سوني ۽ سردار عمر تنوير تي ٻڌل وفد ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وفد پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. صدر وفد جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ، پيپلزپارٽي عورت ونگ جي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، پيپلزپارٽي جا سينيئر اڳواڻ سليم مانڊوي والا، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر سردار محمد يعقوب خان، فيصل ممتاز راٺوڙ، چوڌري محمد رياض ۽ سردار ضياءَ القمر، سنڌ جو گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ ايم پي اي سهيل انور سيال پڻ موجود هئا. شرڪت ڪندڙن ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ قومي مفاهمت، اتحاد ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.