راولپنڊي-25 جون (اي پي پي) شهيد ميجر سيد معيز عباس شاهه جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. شهيد ميجر ڏکڻ وزيرستان جي سراروغه واري علائقي ۾ فتنه الخوارج خلاف آپريشن دوران شهادت جو رتبو ماڻيو هو. جنازي نماز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، گهرو وزير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول آفيسرن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ميجر سيد معيز عباس شاهه جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪندي پنهنجي حياتي جو نذرانو پيش ڪيو ۽ بهادري، قرباني ۽ حب الوطني جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. پوري قوم شهيدن جي قربانين تي فخر ڪندي کين سلام پيش ڪري ٿي.اسان پنهنجي شهيدن جا قرضي آهيون،شهيدن جو مقدس رت قومي استحڪام جو ٿنڀ آهي. شهيد جو مڙهه سندس اباڻي علائقي ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.