اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي محرم الحرام دوران جلوسن ۽ مجلسن جي رستن جي سخت چيڪنگ جي ھدايت ڪندي چيو آھي ته جلوسن ۽ مجلسن جي نگراني لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي، چڙڏياريندڙ مواد خلاف زيرو ٽالرنس، سوشل ميڊيا جي سخت مانيٽرينگ ڪئي ويندي، ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ فول پروف سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن عالم سڳورن سان رابطو رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظھار ھن محرم الحرام دوران سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جي حوالي سان اھم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ محرم الحرام دوران اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، سيف سٽي ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ، مجلسن ۽ جلوسن جي حفاظت لاءِ ڪنڊيدار تارون لڳايون وينديون، جامع ٽريفڪ رٿ، سمورين امام بارگاھن، مجلسن ۽ جلوسن وارن ھنڌن جي جيو ٽيگنگ ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڳالھ ٻولھه ڪندي وفاقي گھرو وزير جلوسن ۽ مجلسن جي اچ وڃ جي رستن جي سخت چيڪنگ جو حڪم ڏنو. محسن نقوي چيو ته جلوسن ۽ مجلسن جي نگراني لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي. ھن چيو ته ڊيوٽي تي مقرر اھلڪارن لاءِ کاڌي پيتي جي انتظامن جو خاص خيال رکيو ويندو، اھلڪارن جي شفٽنگ ۾ مقرري ڪئي ويندي ته جيئن انھن کي آرام جو وقت ملي سگھي ۽ ھو ڀرپور طريقي سان پنھنجا فرض سر انجام ڏئي سگھن. گھرو وزير معاشري جي سمورن طبقن کي محرم الحرام دوران مذهبي ھم آھنگي کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي. اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد محرم الحرام جي حوالي سان انتظامن تي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته محرم الحرام دوران اسلام آباد ۾ 181 جلوس ۽ 965 مجلسون منعقد ڪيون وينديون، سمورين مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي آڊٽ مڪمل ڪري ورتي آھي. اجلاس ۾ گھرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، گھرو ايڊيشنل سيڪريٽري، اسلام آباد جو ڊپٽي ڪمشنر، اي ڊي سي، ڊي آءِ جيز، سمورا ايس پيز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن به شرڪت ڪئي.