اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي اڳوڻي صدر محمد خالد محمود ۽ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) محمد ناصر اعجاز تي تاحيات پابندي ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ واري فيصلي کي عبوري طور تي معطل ڪندي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي آئين جي شق 23 تحت قائم ڪيل پي ايس بي ايڊ جوڊيڪٽرز پينل ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. جسٽس ارباب محمد طاهر لکت وارو فيصلو جاري ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيتوڻيڪ پي ايس بي جي آئين ۾ اپيل جو فورم موجود آهي پر سڌيءَ ريت عدالت ۾ رٽ داخل ڪرڻ وقت کان اڳ آهي. عدالت معاملي جي درخواست کي داد رسيءَ لاءِ پينل آڏو التوا ۾ تصور ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته سمورين ڌرين کي ٻڌڻ بعد قانون موجب فيصلو ڪيو وڃي. درخواستگذارن جي وڪيلن اسد جاويد ايڊووڪيٽ ۽ سيد حسن علي رضا ايڊووڪيٽ پنهنجا دليل ڏنا، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ليگل ايڊوائيزر سيف الرحمان رائو موقف اختيار ڪندي چيو ته پي ايس بي جي آئين موجب پينل وٽ اپيل جو فورم موجود آهي ۽ ڌرين کي گهرجي ته اهي ان فورم سان رابطو ڪن. پي ايس بي پاران عدالت کي يقين ڏياريو ويو ته هر قسم جي فيصلي کي قبول ڪندي لاڳو ڪيو ويندو، واضح رهي ته اهو معاملو ان وقت منظر عام تي آيو جڏهن فيبروري 2024ع م اٽلي ۾ باڪسنگ ٽورنامينٽ دوران پاڪستان نيوي جي باڪسر ذوهيب رشيد تي برطانوي ڄائي پاڪستاني باڪسر لورا اڪرم جي هوٽل روم ۾ داخل ٿي روڪ رقم ۽ پاسپورٽ چوري ڪري فرار ٿيڻ جو الزام سامهون آيو. ان واقعي کانپوءِ پي ايس بي پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي ٻنهي عهديدارن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي انهن تي پابندي لڳائي هئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته حتمي فيصلي تائين 27 سيپٽمبر 2024ع جي جاري ڪيل تاحيات پابندي ۽ ڏنڊ وارو نوٽيفڪيشن معطل رهندو ته جيئن پينل اثرائتي طريقي سان ڪارروائي ڪري سگهي.