APP33-23 ISLAMABAD: September 23 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing during National Conference on Kashmir Outcry: “unwrapping humanitarian crisis in the region”. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مودي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ انسانيت جي توهين ڪري خطي جي امن ۽ استحڪام کي داءُ تي لڳائي رهي آهي، وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ۾ ڪشمير مسئلو سرفهرست آهي، عمران خان سفارتي ميدان ۾ ڀارتي وزيراعظم جو اصل چهرو بي نقاب ڪري رهيو آهي، والاريل واديءَ ۾ ڀارتي ظلمن تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ڪشمير جي مصيبتن، خطي ۾ نه ختم ٿيندڙ انساني بحران، جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.