
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جو فروغ، معيشت جو استحڪام ۽ ڪاروباري طبقي کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعميرات جي شعبي کي صنعت جو درجو ڏيڻ ۽ وڏن شهرن ۾ تعميرات جي حوالي سان فڪس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.