APP54-27 ISLAMABAD: February 27 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain addressing to the participants during international conference on Media & Conflict. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، 20 ڪروڙ عوام ۽ ميڊيا ڀارتي جنگي جنون کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جي اندران آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن ته سياسي مقصدن جي لاءِ جنگ نه امن چاهيون ٿا، وزيراعظم عمران خان جي ڏاهپ وارين پاليسين ۽ دانشمنداڻي سوچ کي اڄ پوري دنيا ساراهي رهي آهي، پاڪستان جي موقف کي پوري دنيا ۾ عزت افزائي ملي رهي آهي، ان سڄي معاملي ۾ فتح امن جي ئي ٿيندي اهو ئي سڀني جي حق ۾ آهي، پاڪستان جهڙي طرح هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي قربانين سان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون اهڙي طرح انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پڻ ڪاميابيون حاصل ڪيون وينديون. هو بحريه يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.