APP65-16 ISLAMABAD: January 16 - Prime Minister Imran Khan in a meeting with MQM members of National Assembly at PM office. APP

اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايندڙ مهيني حيدرآباد يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکندو جڏهن ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي ۽ مڪمل ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. ان ڳالهه جو اظهار وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو ويو جن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.