گڏيل قومون – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪئي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏيل قومن جي مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۾ انهن جي ڪردار ۽ ڪم تي سندن ٿورا مڃيا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي، گڏيل قومن جي پاڪستاني نزاد عملدارن سان ملاقات ڪرڻ وارو پهريون وزيراعظم آهي.