APP65-21 NEW YORK: September 21 - Executive Chairman, World Economic Forum Klaus Schwab called on Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi. APP

نيويارڪ – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جو هڪ اهم ذريعو آهي، اسان اولهه مان به سيڙپڪاري جي ٻين اضافي وسيلن جا خواهشمند آهيون. هن اها ڳالهه ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين ڪلائوس شواب سان ڳالهائيندي چئي جنهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي.