APP42-02 ISLAMABAD: July 02 - Prime Minister Justice (Retd) Nasir-ul-Mulk chairs a briefing on functions and achievements of National History & Literary Heritage Division at PM Office. APP

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ملڪ جي ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ وسيع تر هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته پرڏيهي ملڪن سان انهن شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. هو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي جي ذميوارين ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.