APP11-27 ISLAMABAD: March 27 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi chairs 36th meeting of the Council of Common Interests (CCI) at PM Office. APP

اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) قومي آبي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪندي صوبائي تجويزن کي شامل ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻايل پاليسي حتمي منظوري لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي آئنده اجلاس ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 36 هون اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪئي .