APP07-17 LAHORE: March 17 - Interior Minister Prof. Ahsan Iqbal addressing the inaugural ceremony of NADRA Mobile Registration Cars. APP photo by Tabasam Naveed

لاهور – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مخالف ڌر کي نگران سيٽ اپ جي لاءِ اتفاق ڪرڻ گهرجي، دنيا کي باور ڪرائڻو پوندو ته پاڪستان ۾ جمهوري قوتن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، چونڊون وقت تي ٿينديون، سينيٽ چونڊن ۾ کٽيندڙ هارجي ويا ۽ هارائيندڙ کٽي ويا، پاڪستان ۾ ايتريون رانديون کيڏيون ويون آهن جو ماڻهن انهن تي اعتبار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نادرا هيڊ آفيس لاهور ۾ نادرا موبائيل رجسٽريشن ڪار سروس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو.