اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ وسيع تر اقتصادي موقعن ۽ صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ضروري آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ توانائي بابت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جون اڻٿڪ ڪوششون رڳو 2018ع تائين ملڪ مان بجلي جي …
اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ضروري آهي: وزيراعظم

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ وسيع تر اقتصادي موقعن ۽ صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ضروري آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ توانائي بابت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جون اڻٿڪ ڪوششون رڳو 2018ع تائين ملڪ مان بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ تائين محدود نه آهي پر حڪومت جي ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ 2022ع تائين 30 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ شامل آهي.











