اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف حب ۾ درگاهه شاهه نوراني ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڌماڪي ۾ معصوم قيمتي جانين جي زيان تي ڏکويل خاندانن ۽ زخمي ٿيندڙن سان گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.