اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته 1951ع کان شروع ٿيندڙ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جو بنياد برابري، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ هر شعبي ۾ تعاون تي ٻڌل آهي. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلچرل شو کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ ۽ ننگشياء جي نائب گورنر وانگ هيشان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ ڪار ريلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ وڏي انگ ۾ حاضرين پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ناقابل فراموش ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو، ڪار ريلي ۽ چين کان ايندڙ فنڪارن کي ڀليڪار چوندي هن ننگشياء جي نائب گورنر وانگ هيشان کي ڪار ريلي منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس ذاتي طور تي هتي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.