APP75-160621 ISLAMABAD: June 16 - Federal Minister for Finance and Revenue Shaukat Tarin chairing the meeting of the Economic Coordination Committee (ECC) of the Cabinet. APP

اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاسڪو جي ذخيرن سان پيداواري سال 22 – 2021ع ۾ خيبرپختونخواهه کي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي، پرڏيهي فنڊ هاصل ڪندڙ اين جي اوز/ اين پي اوز جي لاءِ نئين پاليسي ۽ ڪڻڪ جا اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ جي لاءِ ٽي ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ نيويارڪ ۾ روز ويلٽ هوٽل جي ڪڏهن ڪڏهن ۽ معمول جي رهتن جي ادائيگي جي مد ۾ پي آءِ اي آئي ايل جي لاءِ 17.3 ملين ڊالر جي منظوري ڏيڻ کانسواءِ ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.