APP01-070521 ISLAMABAD:-MAY 07, 2021- Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting and Abdul razak Dawood adviser to PM on commerce and industries addressing with media in a press conference at Pak China friendship center Islamabad. APP Photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ نئين سگهه نظر ايندي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيت دوست پاليسي تي مخالف ڌر جي تنقيد سمجهه کان مٿي آهي، مخالف ڌر اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چونڊ سڌارن، قانونسازي سميت هر سٺي ڪم جي مخالف آهي، تڪ اين اي 249 ري ڪائونٽنگ جو نه ري پول جو ايشو آهي، پي ٽي آءِ جي ري پول موقف تي اڄ (ن) ليگ بيٺل نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيده ڪردار ادا ڪري ته هڪ اهڙو چونڊ نظام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين جنهن کانپوءِ ايندڙ چونڊ نتيجا هر ڪنهن کي قابل قبول هوندا، مخالف ڌر ڪيس عدالتن ۾ اڪلائي جيڪڏهن نظام صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته اسان جا دروازا سدائين کليل آهن. هو واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.