APP04-030521 ISLAMABAD: May 03 – Vice President of the Huawei Middle East Region, Mr. Li Xiangyu, presents a souvenir to President Dr Arif Alvi, at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ناليج اڪانومي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي صلاحيتن ۽ وسيلن کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سنجيده قدم کڻير هي آهي. هو هواوي جي هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ڪمپني جي وچ اوڀر بابت نائب صدر لي شيانگ يو جي سربراهي ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.