APP61-070521 ISLAMABAD - May 07- Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting in graduation ceremony with the participants of 2nd Domain Specific Mid Carrier Management Course (31st MCMC) for Mid Carrier Officers of Information Group. APP

اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ روشن تشخص روشناس ڪرائڻو آهي، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انفارميشن گروپ ۽ ميڊيا تربيت جي عمل ۾ وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ، گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ ڊومين اسپيسيفڪ مڊ ڪيريئر ڪورس جي پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.