اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ۽ صوبائي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته قبضي مافيا جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته پاڪستان سٽيزن پورٽل تي عوام جي سهولت لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي، خصوصي ڪيٽيگري جي ڪري قبضا مافيا بابت شڪايتون آساني سان لاڳاپيل عملدارن تائين پهچائي سگهبيون. پرائيم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب قبضا مافيا بابت خصوصي ڪيٽيگري جو اعلان وزيراعظم عمران خان 4 اپريل تي عوامي رابطي جي پروگرام ۾ ڪيو هو، پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان پاران سمورن چيف سيڪريٽرين، آءِ جيز، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ سي ڊي اي چيئرمين کي خط موڪليو ويو آهي. خط موجب سمورا چيف سيڪريٽريز لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، ڪمشنرز، ڊي آءِ جيز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ڊي پي اوز کي معاملي جي سنگيني تي خاص هدايتون ڏيندا. خط ۾ چيو ويو آهي ته قبضا مافيا بابت اهي شڪايتون جيڪي ڪنهن به عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجن انهن تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي، نجي زمين جي معاملن ۾ ٻنهي طرفن جي شنوائي ضروري هوندي، قبضا مافيا بابت ڪيل شڪايتن تي ڪارروائي جي مد ۾ سمورن چيف سيڪريٽرين پاران ٽه ماهي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، قبضا مافيا جي خلاف ڪارروايون نه ڪرڻ تي آفيسرن جو احتساب ڪيو ويندو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ان قدم سان جتي نجي زمين تي قبضي جو خاتمو ٿيندو اتي سرڪاري زمين پڻ قبضو ڪندڙن کان ڇڏرائي سگهبي. ان پورٽل تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جون شڪايتون ترجيحي بنيادن تي حل ٿينديون.