APP44-080421 ISLAMABAD: April 08 - Federal Minister for Finance Hammad Azhar and Governor State Bank Reza Baqir called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ وسيلي موڪليل رقم 800 ملين ڊالر کان ٽپي وئي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي.