APP51-110421 ISLAMABAD: April 11 - A delegation lead by Mufti Rahim calls on Prime Minister Imran Khan. Governor Sindh Imran Ismail is also present in the meeting. APP

اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت قانون جي بالادستي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته ڪرپٽ عنصرن جي سهولتڪاري نظام کي صحيح ڪري قانون جي پڪڙ مضبوط ڪئي وڃي، معاشري جي ڪمزور ۽ طاقتور طبقن جي لاءِ هڪ جهڙو قانون لاڳو هجي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن الرشيد يونيورسٽي ڪراچي جي سربراهه مفتي رحيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.