APP50-230221 COLOMBO: February 23 - Prime Minister Imran Khan receives Guard of Honor upon arrival. APP

ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو، ٻارن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريلنڪا جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي.