APP52-230221 COLOMBO: February 23 - Prime Minister Imran Khan holds One-on-One meeting with Sri Lankan Prime Minister Mahinda Rajapaksa at Temple Trees. APP

ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي هم منصب مهندرا راجا پاڪسي سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سريلنڪا جي وزيراعظم جي آفيس ٽيمل ٽريس ۾ منعقد اجلاس ۾ متنوع شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت ۽ تعليم، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ان کان اڳ وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي ٽپهر بندرا نائڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو.